استاد منظور علي خان - ڪتاب

استاد منظور علي خان - ڪتاب

استاد منظور علي خان ڪتاب

استاد منظور علي خان (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ڪلاسيڪل فنڪار استاد منظور علي خان جي فن ۽ شخصيت بابت آهي، جنهن کي ڪوثر ٻرڙي ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ عنايت بلوچ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ استاد منظور علي خان جو انٽرويو ۽ سندس فن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ممتاز مرزا، استاد فتح علي خان، نصير مرزا، ادل سومري، انور پيرزادي، ڊاڪٽر محمود مغل ۽ ٻين جا مضمون شامل آهن. ڪتاب جي آخري صفحن ۾منظور علي خان بابت سندس شاگردن، اديبن، شاعرن، فنڪارن جا تاثرات ڏنا ويا آهن. ان سان گڏ سندس ريڊيو تي ڳايل ڪلامن جي فهرست، ڪمپوز ڪيل ڌنن جي فهرست، سندس شاگردن جي نالن جي لسٽ ۽ آخري صفحي تي استاد منظور علي خان جو شجرو ڏنو ويو آهي. پڪي جلد سان 240 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي، جنهن کي پوپٽ پبلشنگ هائوس، سنڌ ٻالڪ سنگت خيرپور، سيپٽمبر 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو